ڀوڄراج جهمٽ مل موٽواڻي2

ڀوڄراج جهمٽ مل، موٽواڻي2: ڀوڄراج جهمٽ مل موٽواڻي، 1925ع ۾ ڳوٺ مَلڪ، تعلقي موري ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. نوابشاهه ۽ ڪراچيءَ جي پريسن ۾ فورمين ٿي ڪم ڪيائين. 1947ع جي سياسي تبديلين کان پوءِ هندستان ۾ وڃي اجمير ۾ آباد ٿيو، جتي اخبار ”هندو“ جي فورمين ٿيڻ سان پنهنجي روزگار جو آغاز ڪيائين. 1957ع کان وٺي ڪيترائي سال انهيءَ اخبار ۾ سب ايڊيٽر جي حيثيت سان ڪم ڪيائين. ڪجهه وقت لاءِ ”ڪماري“ نالي ماهوار رسالو جاري ڪيائين. 1965ع ۾ ”ماتر ڀومي“ جو ايڊيٽر ٿيو. هن ادبي اشاعت جي ميدان ۾ به پاڻ ملهايو. ان سلسلي ۾ ”ڪماري پبليڪيشن“ طرفان ”گناهه جي رات“ ۽ ”پاپ“ ناول کان سواءِ ٻيا ڪيترا ڪتاب شايع ڪرايائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو